شيخ حسن

شيخ حسن

حسن شيخ 1

حسن شيخ : سنڌي ۽ اردو فلمن جو ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار شيخ حسن، 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ انجنيئر هو، سندس ماءُ پيءُ جي عام والدين وانگر خواهش هئي ته هيءُ لکي پڙهي انجنيئر ٿئي. جڏهن ته ان وقت بمبئيءَ ۾ سندس گھر جي ڀرسان فلمي نگار خانا هئا، جتي ڪيتريون ئي فلمون ٺهنديون هيون. نائون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ هي هڪ فلمساز اداري ‘رنجيت فلمز’ ۾ 20 روپيا ماهوار تي ملازم ٿيو، جڏهن هي فلمي دنيا ۾ آيو ته سندس نالي سان ملندڙ جلندڙ ٻيا به ڪيترائي ناميارا ماڻهو هئا. هن چاهيو ته جيڪر هو پنهنجو نالو مٽائي، جيئن ان زماني ۾ اڪثر ٿيندو هو، پر هن کي ساٿين ائين ڪرڻ کان روڪيو. سندس پهرين فلم ‘نرس’ هئي، جيڪا 1943ع ۾ ٺهي، جنهن ۾ خورشيد هيروئن هئي، جڏهن ته ارون پرڀا ۽ انيل ڪماريءَ اهم رول ادا ڪيا. پر ان کان اڳ هن ‘حاتم طائي’ فلم ۾ ننڍڙو رول ڪيو، اها فلم 1937ع ۾ ٺهي هئي. شيخ حسن جي مختصر ڪردار ماڻهن کي متوجهه ڪيو. ترت رنجيت فلمز اداري 1944ع ۾ ‘ڪاروان’ نالي فلم ٺاهي، جنهن ۾ هن کي مکيه ڪردار مليو. ان کان پوءِ ’پرڀو ڪا گھر‘ جيڪا بابو راءِ پٽيل جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهي، انهي فلم ۾ ڪم ڪيائين. اهڙيءَ طرح رنجيت فلمز وارن جون ڪافي فلمون ٺهيون، جن ۾ کيس اهم ڪردار ملندا رهيا. 1947ع ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ جون ٻه فلمون ‘ڇين لي آزادي’ ۽ ‘وه زميندار ’ آخري فلمون هيون. هندستان ۾ ‘رڪشا والا’ ۽ ‘گورک’ مشهور فلمون هيون. هن پهريون ڀيرو فلم ‘قرباني’ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو ته مشهور سنڌي هدايتڪار داد دريائيءَ سندس تعريف ڪئي. ‘قرباني’ فلم کانپوءِ سندس وڏو نالو ٿيو ۽ هن ‘دک سک’، ‘گوالن’، ‘شهنشاهه بابر’، ‘پرديسي’، ‘پجارن’، ‘ڪون ڪسي ڪا’، ‘مهمان’، ‘واهه ري زمانا’، ‘تان سين ’ ، ‘ڇين لي آزادي’، ‘لاکون ۾ ايڪ‘ ۽ ‘بڇڙي بالم‘ ۾ اداڪاريءَ کان سواءِ معاون هدايتڪار طور پڻ ڪم ڪيو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت ڪيترائي فساد ٿيا، پوءِ به شيخ حسن تڪڙو پاڪستان اچڻ جو ارادو ڪو نه ڪيو، سندس خيال هو ته سندس شناخت وري به انڊين سئنيمائن ۾ رهندي، پر پاڪستان فلم انڊسٽريءَ کي شيخ حسن جي ضرورت محسوس ٿي، تنهنڪري مسلمان فلمي سرمائيڪارن کيس پاڪستان گھرائي ورتو ۽ هتي اچي هن 1949ع ۾ وهاب پڪچرز جي فلم ‘شهناز’ کي ڊائريڪٽ ڪيو. هن فلم ۾ بيگم مها پارا ۽ الطاف مکيه اداڪار هئا، پر اها فلم ڪامياب نه ٿي. ان ڪري پاڻ واپس هندستان هليو ويو. 1953ع ۾ خواجه خادم حسين اردو فلم ‘برکا‘ ٺاهي ته ان جو ڊائريڪٽر شيخ حسن هو. ان کانپوءِ هن ترت سنڌي فلمن ڏانهن ڌيان ڏنو، ان زماني ۾ حسين شاهه فاضلاڻي سنڌي فلم ‘عمر مارئي’ ٺاهي رهيو هو، جنهن جي هدايتڪاري شيخ حسن کي ملي. هن فلم ۾ گھڻا نوان چهرا کنيا ويا، جن ۾ رڳو نور محمد لاشاري پراڻو اداڪار هو، پر سنڌي فلم ۾ پهريون ڀيرو اچي رهيو هو. ان کانسواءِ فاضلاڻي، مصطفى قريشي وغيره نوان هئا. شيخ حسن جو سنڌي فلمون ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي، شيخ حسن پاڪستان جو واحد اداڪار هو، جنهن ڏکين حالتن ۾ سنڌي فلمن ٺاهڻ جو آغاز ڪيو، عمر مارئيءَ کي اردوءَ ۾ ڊب ڪيائين، پر اها ايترو ڪامياب نه ٿي سگھي. ان کانپوءِ ‘شهرو فيروز’، ‘نوري ڄام تماچي’، ‘مهراڻ جا موتي’ وغيره ٺاهيائين. هي سنڌي ثقافت ۽ تاريخ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، انهيءَ سلسلي ۾ هن ‘جاگ اٺا انسان‘ نالي هڪ فلم ٺاهي، جيڪا انگريزن جي خلاف هئي ۽ ان فلم ۾ محمد علي مکيه ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ هن جون ڪافي فلمون آيون، جن ۾: ‘هماري زبان’ (1965ع)، ‘پرائي زمين’، ‘لاکون افساني’، ‘جھڪ گيا آسمان’، ‘گاتا جائي بنجارا‘ ۽ ‘ٽرڪ ڊرائيور’ شامل آهن. هن جي فلمن ۾ رومانس ۽ تاريخ جي وابستگي گھڻي رهي. هن فلمي دنيا ۾ کوڙ نوان چهرا متعارف ڪرايا. شيخ حسن پنهنجي آخري وقت ۾ بلڪل تنها ٿي ويو ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاريائين. هن 27 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.05.14  عيسوي

حسن شيخ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ ڄائو.


2009.09.27  عيسوي

حسن شيخ 27 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ خضر سيوستاني
تلوڪ تلسياڻي
احسان علي شاهه
بيبي مغلي ۽ بيبي مرڪي
حڪيم محمد مراد چنا
خانبهار احمد خان ڀٽو
صادق ميمڻ
احمد متقي
سيليوڪس Seleucas
صدر پاڪستان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون